ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا شهر جي قاضي پئٽرول پمپ وٽان رات دير سان نامعلوم ھٿياربند نئون ڳوٺ جي رهواسي ٻن نوجوانن پريتم پٽ پارو مل ۽ ساحل پٽ سيلاب ڪمار کي اغوا ڪري ويا. ڪجھه ڪلاڪن بعد  ڏوهارين ھڪ نوجوان پريتم کي ڇڏي، ٻئي نوجوان ساحل کي پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا. اغوا بعد نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو ۽ شھر ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. ان ڏس ۾ ايس ايچ او ڪنڌرا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو نوجوان ساحل جي اغوا جي اين سي درج ڪرڻ بعد معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. ھن ٻڌايو ته ڏوهاري هڪ مغوي پريتم کي رستي ۾ ئي ڇڏي ويا آھن جيڪو واپس پنھنجي گھر پھچي ويو آھي. ٻئي مغوي نوجوان 22 سالن جي ساحل مل جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ھوڏانھن مغوي ساحل جي والد سيلاب ڪمار پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڊي ايس پي روھڙي ۽ ايس ايچ او ڪنڌرا پٽ کي ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آھي. ٻنھي پوليس عملدارن رابطو ڪري مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي آھي.