ڪنڊياري ويجهو ڪار ڪلٽي، تلهار واسي فوت، 4 ڄڻا زخمي

0
235
ڪنڊياري ويجهو ڪار ڪلٽي، تلهار واسي فوت، 4 ڄڻا زخمي
ڪنڊياري ويجهو ڪار ڪلٽي، تلهار واسي فوت، 4 ڄڻا زخمي

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب تلهار واسي نوجوان فوت ۽ 4 چڻا سخت زخمي ٿي پيا

قومي شاهراهه تي ڳوٺ صالح راڄپر وٽ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي م تلهار واسي 50 ورهين جو عاشق حسين شاهه فوت ٿي ويو جڏهن ته 4 ڄڻا سيد رضا عباس، ايازشاهه، ذوالفقارعلي ۽ سيدعلي شاهه سخت زخمي ٿي پيا

اطلاع ملڻ تي ڪنڊيارو پوليس فوتي جي مڙهه۽ زخمين کي تلعقه اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو،  پوليس ٻڌايو ته متاثر ڪار پنجاب کان واپس اچي رهيا هئي ته ڪلٽي ٿي پئي، فوت ٿيل جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.