ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ هالاڻي واسي ڳوٺاڻي جو پوليس، اڳوڻي گهر واري ۽ سندس ڀاءُ جي زيادتين خلاف احتجاج، ان ڏس ۾ ڳوٺ اسلام مهيسر واسي ڳوٺاڻي سڪندر مهيسر  دانهيندي چيو ته اڳوڻي گهرواري جي چوڻ تي پوليس مون خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي،  پوليس مون کي بنا جوازگرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري رهي آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.