ڪنڊيارو ۾ نون ليگ جو پ پ سان سياسي انضمام…!

0
76
ڪنڊيارو ۾ نون ليگ جو پ پ سان سياسي انضمام...!

مرڪز ۾ پ پ ۽ نون ليگ جي گڏيل حڪومت ٺھڻ بعد صوبائي سطح تي به هاڻي نوان سياسي ٺاهه سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن, مڪاني چونڊن سياسي حريفن کي پاڻ ۾ ملائي ورتو آھي…. ڪنڊيارو شهر ۾ ورهين کان سياسي حريف رهندڙ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار هاڻوڪي ن ليگ اڳواڻ سيد آفتاب شاهه ۽ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه پاڻ ۾ تعلقي سطح تي هڪ سياسي انضمام ڪري ورتو آھي, جيڪو خاص ڪري شهر واسين لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو ۽ اها موجودا وقت جي اهم ضرورت پڻ هئي، هن ٺاهه موجب اها سڌ پئي آھي ته نون ليگ جو ضلعي سيڪريٽري جنرل سيد عابد شاهه وارڊ نمبر 2 تي پ پ جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندو، جڏهن ته ايم پي اي سرفراز شاهه جو پٽ مرتضي شاهه وارڊ نمبر 12 تان ميدان تي لهندو.ڪنڊيارو واسين لاءِ اها سٺي خبر آھي ته هاڻي ڪو ٻاهريون اميدوار گهٽ ۾ گهٽ ھتي ڪو نه ايندو، ڇو جو گذريل تجربي تحت شهر اڳ ئي ڪيترو ڀوڳيو آھي، تنهنڪري ورهين کان سياسي حريف رهندڙ ٻنهي خاندانن جو پاڻ ۾ گڏجڻ تمام ضروري هو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)