ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان موريا ۽ مهيسر مائينر تي ايريگيشن جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جي عملدارن پاران آپريشن ڪري ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، ڪارروائي انجنيئر ايگريشن نديم جوکيو، ايس ڊي او وليد راڄپر جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي، آپريشن دوران ڪرينن ذريعي غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ
ڪيون ويون، ان حوالي سان انجنئير نديم جوکيو جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم تي ايريگيشن جي زمين تان قضا ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو، هن چيوته ڪارروائي قبضا ختم ڪرڻ تائين جاري رهندي.