ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ پيرسن شهري فضل ڏيپر بااثرن جي مبينا زيادتين ۽ پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن جو چوڻ هو ته هو 1980ع کان شهر جي نيو بکري محلي ۾ چوڪيداري ڪندو هو، ان وقت جي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين شهرين جي حفاظت لاءِ چوڪيداري نظام قائم ڪيو، جنهن تحت نيو بکري محلي ۾ منهنجي دڪان مٿان مورچو قائم ڪري چوڪيدار مقرر ڪيو ويو هو، هن چيو ته شهر جا ڪجهه بااثر ان مورچي کي فلٽر پلانٽ لڳرائڻ بهاني ختم ڪرائي رهيا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته بااثر دڪان تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ هو جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين، هن چيو ته بااثرن پاران ڌماڪائڻ سبب دل جو دورو پڻ پئجي چڪو آهي، هن چيو ته ڪير به منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون غريب جي مدد ڪري بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.