ڪنڊيارو (ن پ ا)  ڪنڊيارو شهر ۽ ڀرپاسي  بدامني خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران شهر جي مک اسٽار چوڪ تي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ان موقعي تي حمزه علي چانڊيو، شڪيل گھانگهرو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، غيرمحفوظ آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.