ڪنڊيارو(ن پ ا)ڪنڊيارو ۾ يوسي موريا جي ڳوٺ آندل سولنگي واسي برسات متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي غلام رسول سولنگي، حاجي سولنگي، صدام سولنگي، نثار سولنگي، حسن سولنگي ۽ ٻين چيو ته هو پ پ جا ووٽر آهن پر تازين برساتن بعد سندن ڪنهن به سار ناهي لڌي، هنن چيو ته يوسي موريا جو ڪائونسلر اسحاق مڱريو کانئن راشن ۽ ٽينٽ وٺي ڏيڻ لاءِ شناختي ڪارڊ جون ڪاپيون وٺي ويو پر اڄ تائين ڪجهه به ناهي مليو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.