ڪنڊيارو (ن پ ا) ايريگيشن جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ ڪنڊيارو ڀرسان بدڪ ۽ مائينر تي ايريگيشن جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ عملدارن پاران آپريشن ڪري ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، ڪارروائي انجنيئر ايريگيشن ايٽ مورو جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي، آپريشن دوران ڪرينن ذريعي ڇپرا، دڪان ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ انجنئير روهڙي ڊويزن ايٽ مورو احمد خان ڪاڪيپوٽو چوڻ هو ته ته عدالتي حڪم تي ايگريشن جي زمين تان قضا ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي، تعلقي اندر ايريگيشن جي زمين تان مڪمل قبضا ختم ڪرايا ويندا. اڄوڪي ڪارروائي دوران بدڪ مائينر تان قبصا ختم ڪرايا ويا آهن، اهڙي قسم جي ڪارروائي مڪمل قبضا ختم ڪرائڻ تائين جاري رهندي.