ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو شهر ۾ بدامني  خلاف آل پارٽيز الائنس ۽ شهرين طرفان پراڻي ٽائون ڪاميٽي کان ريلي ڪڍي شهر جي مک اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي عابد علي شاهه، دلنواز مڱريه، ظفر کوسو، انور سولنگي، سنڌو نواز ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن،  ڪجه ڏينهن اڳ شهر جي  ڊاڪٽر سلمان ڀٽي جي گهر م ڌاڙو لڳو پر پوليس هن مهل تائين ڦورو پڪڙڻ م ناڪام ٿئي وئي آهي،   ڪاله وچ شهر مان نامعلوم ڦورو شهري ياسين ميمڻ جي گهر ڀاتين کي يرغمال بنائي 13 لکن جو ڌاڙو ھڻي فرار ٿئي ويا، جنهن سبب غيرمحفوظ آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.