ڪنڊيارو/ خانواهڻ (نمائندن وٽان) محبت ديرو جتوئي ڀرسان چوري ٿيل مينهن جا پيرا اوطاق ۾ لڳڻ تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ مبينا جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب ايس ايچ او زخمي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪو به حملو ناهي ڪيو، ڊرامو رچايو پيو وڃي، خبر موجب محبت ديرو جتوئي ڀرسان زميندار جي چوري ٿيل مينهن جا پيرا کنيا ويا، جيڪي ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ مٺو قريشي جي اوطاق ۾ لڳا، جتي پوليس پهتي ته ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ مبينا جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون لڳڻ سبب ايس ايچ خانواهڻ مير محمد رند زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس موجب ڳوٺاڻن پوليس مٿان فائرنگ پڻ ڪئي، زخمي ايس ايچ او کي ڪنڊيارو اسپتال آندو ويو، ايس ايڇ او صحافين کي ٻڌايو ته اعليٰ آفيسرن جي حڪم تي پوليس ساڻ ڪري مينهن چوري جا پيرا کڻايا، جيڪي محبت ديرو جي حد ڳوٺ گھر پنھنجا ۾ مٺو قريشي جي اوطاق ۾ لڳا، جتي جوابدارن مٺو قريشي ۽ سندس پٽن مون تي حملو ڪيو، جنهن ۾ زخمي ٿي پيو آھيان، ٻئي پاسي ڳوٺاڻن مٺو قريشي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پوليس بنا ٻڌائڻ جي گهرن ۾ داخل ٿي، اسان جي احتجاج ڪرڻ تي جهيڙي جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو، هنن چيو ته پوليس تي ڪو به حملو ناهي ٿيو، اسان کي بيگناهه ڦاسائڻ لاءِ ايس ايچ او کي زخمي ظاهر ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، واقعي بعد تعلقي ڪنڊيارو جي مختلف ٿاڻن جي پوليس گھرائي وئي، آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي هئي.