ڪنڊيارو(اسپورٽس نيوز) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو جي گرائونڊ تي هلندڙ ڪنڊيارو پريمئر ليگ جي ٻئين ڏهاڙي تي هاڪس ڪرڪيٽ ٽيم ۽ مارخور ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ مقابلو ٿيو، ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي هاڪس ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر مقرره 10 اوورن ۾ 210 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن مطابق بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي اظهر موٽو 78 رنسون ۽ وسيم سومرو 73 رنسون اسڪور ڪيون، جوابي بيٽنگ ڪندي مارخور ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر 9 اوور ۾ 76 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويا، اهڙي ريت هاڪس ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين رانديگر وسيم سومرو کي 73 رنسون ۽ 4 ڪيچ وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جنهن کي ايڊووڪيٽ احسان الله ملاح جي هٿان انعام ڏنو ويو، هوڏانهن ڪنڊيارو پريميئر ليگ جي ٽين ميچ اڄ واريئرس ڪرڪيٽ ٽيم ۽ گليڊيٽرس ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.