ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، عورت فوت، 2 ڄڻا زخمي، خبر موجب قومي شاهراهه تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت حرمت ماڙيچو، ڏونگر ماڙيچو ۽ محمد علي راڄپر زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقه اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتي عورت حرمت ماڙيچو فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻنهي زخمين کي گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو، فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.