ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽيون کائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي رٽائر رينجرز اهڪارفضل محمد فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻن ٻارڙن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ روشنه جوڳي، ضمير، مبشر، آمنه، مسڪان، عمران، ٻانهو جوڳي، الياس، خليل، نور محمد، حضور بخش ۽ اعجاز شامل آهن، فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال آندو ويو، جتان فوتي جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجهه زخمين کي نازڪ حالت هجڻ سبب گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عورت روشنه جوڳي زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي وئي، فوتي عورت جو تعلق ڀريا شهر سان ٻڌايو پيو وڃي.