ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ويجهو ڪچي ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ نينگر قتل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، خبر موجب ڪچي واري علائقي پپري ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائم ڪلھوڙو ۾ چانڊيا ۽ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي زميني تڪرار تان هڪ ڌر جي هٿياربندن گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 12 سالن جو ماجد ڪلھوڙو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مقتول نينگر جو لاش تعلقه اسپتال ڪنڊيارو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ ڪجهه مهينا اڳ چانڊيا ڌر جو به هڪ ماڻهو مارجي ويو ھئو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.