ڪنڊيارو (ن پ ا) گذريل ڏينهن مبينا طور اغوا ٿيل ناري بازياب نه ٿي سگهي،  ان ڏس ۾ اغوا ٿي ويل ناري جي امڙ فهميده پنهنجي نياڻي رضوانه سان گڏ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج  ڪندي دانهيندي چيو ته هٿياربند منهنجي نياڻي سائره کي اغوا ڪري کڻي ويا، ڪنڊيارو پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ باوجود تحرڪ ناهي ورتو، غريب آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي،ٻي صورت ۾  پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس.