ڪنڊيارو (ن پ ا)مڪاني چونڊ ايندي ئي ڪنڊيارو جي سياست ۾ وڏي ھلچل. پ پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاھ ۽ اڳوڻو چيئرمين سيد غلام مرتضيٰ شاھه پنھنجي 30 سالن جي سياسي حريف سيد آفتاب علي شاھه، سيد عابد علي شاھه سان سياسي  اختلاف ختم ڪندي مڪاني چونڊ گڏجي وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان موقعي تي سيد عابد علي شاھه چيو ته ھميشه ڪنڊيارو شهر جي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندا رھنداسين. سيد سرفراز حسين شاھ چيو ته اسانجو ھڪ ئي خاندان آهي، شهر جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا سين. ان موقعي تي يعقوب گل، حميد قريشي، ساجد قريشي نجم سومرو، عباس قريشي ۽ مصطفى سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.