اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻن ڪينٽومينٽ بورڊن جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت مٿان الزام هڻندي اليڪشن ڪميشن وٽ شڪايت ڪئي آهي جنهن ۾ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. ڪالهه نواز ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال جي سربراهي ۾ خواجا سعد رفيق ۽ ٻين اڳواڻن اليڪشن ڪميشن پهچي ڪنٽونمينٽ بورڊن جي بلدياتي چونڊن بابت شڪايتون چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکت ۾ ڏنيون، اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته عمران خان پاڻ لاهور اچي گورنر هائوس ۾ ويهي ڪنٽونمينٽ بورڊن جي بلدياتي چونڊن ۾ آزاد ڪائونسلرن کي پنهنجي اميدوارن جي حق ۾ ويهاري رهيو آهي، جن جون اسان تصويرون به سامهون آڻي چڪا آهيون، بلدياتي چونڊون چورائڻ لاءِ پي ٽي آءِ پنجاب جي صوبائي سرڪاري مشينري کي استعمال ڪري رهي آهي، پوليس ۽ ٻين کاتن جي عملدارن جون بدليون به ڪيو پيو وڃن، سرڪاري پيسو لڳائي چونڊ ضابطي جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطي جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، خواجه سعد رفيق چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي چپ تبديل سگهي ٿي، سافٽ ويئر به اپڊيٽ ٿيندو آهي، پي ٽي آءِ اهڙا چونڊ سڌارا چاهي ٿي جنهن تحت صرف انهن سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي جنهن کي حڪومت ڪليئر قرار ڏئي.