ڪنوار گٽڪو کائيندڙ گهوٽ سان شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
394

ممبئي: هندستان ۾ هڪ انوکو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪنوار عين موقعي تي گهوٽ کي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اهو واقع هندستاني رياست اترپرديش ۾ پيش آيو جتي شادي جي هڪ تقريب لاءِ سموريون تياريون مڪمل ٿي ويون هيون ۽ ڪنواريتن پاران گهوٽيتن جي ڄڃ جو انتظار ڪيو پئي ويو. ڄڃ اڄن تي جتي سڀ خوش هئا اتي ڪنوار جو موڊ خراب ٿي ويو ۽ هن شادي روڪرائي ڇڏي. ميڊيا رپورٽن مطابق جڏهن ڪنوار، گهوٽ کي ڏٺو ته هو ان وقت گٽڪو کائي رهيو هو، جيڪو ڪنوار کي انتهائي ناگوار لڳو ۽ هن شادي کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. ڪنوار جا گهرڀاتي کيس راضي ڪرڻ ۾ لڳي ويا پر ڪنوار نه مڙي.جنهن تي شادي نه ٿي ۽ ڄڃ واپس رواني ٿي وئي.