اڙيسا(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ڪنوار رخصتي وقت ڪنهن گاڏيءَ ۾ نه بلڪ ڏاند گاڏيءَ ۾ ساهرن ڏانهن پهچي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽڻ موجب رياست ارڙيسا جي ضلعي گنجام ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار شادي جي پراڻن رسمن کي برقرار رکيو ۽ رخصتي وقت گاڏيءَ بدران ڏاند گاڏيءَ جي چونڊ ڪئي. ڪنوار سريتا بهيرا ۽ مهيندر نائڪ ڀونيشور هڪ خانگي ڪمپني ۾ ڪم ڪندا آهن. گهوٽ ۽ ڪنوار شاديءَ جو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه پراڻين روايتن تي عمل ڪرڻ چاهيو جيڪي اڄ جي دور ۾ شايد ئي نظر اينديون هجن. سريتا ۽ مهيندر گهر وارن کي ٻڌايو ته هنن جي شاديءَ ۾ ڪابه گاڏي استعمال نه ڪئي ويندي. مهندر ڄڃ کڻي گهوڙي تي سوار ٿي ڪنوار جي گهر پهتو جڏهن ته ڪنوار سريتا شاديءَ کانپوءِ ڏاند گاڏيءَ ۾ رخصت ٿي ساهرن ڏانهن وئي. شاديءَ کي يادگار تقريب بڻائڻ جي لاءِ مهندر سريتا کي شادي جي هن تي آڻڻ لاءِ ويجهي ڳوٺ مان ڏاند گاڏي ڪرائي تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته مهندر ۽ هن جي دوستن ڏاند گاڏيءَ کي سجايو به هو.