ڪنوار مڙس کي پاڻي ڀرڻ لاءِ اماڻي ٻهارو ڏئي وئي

0
509

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ڪنوار مڙس کي پاڻي ڀرڻ لاءِ اماڻي ٻهارو ڏئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست اترپرديش جي ضلعي مين پوري ۾ انوکو واقعو پيش آيو، راجو نالي شهري وڏي ڳولا بعد هڪ نينگري سان شادي رچائي، شادي واري ڏينهن ڪنوار راجو کي پاڻي آڻڻ لاءِ چئي غائب ٿي وئي جڏهن ته ڪنوار ويندي ويندي سونا زيور ۽ سموري روڪ رقم به کڻي وئي. راجو جي والدين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان هڪ ٽئين شخص جي چوڻ تي رشتو طئي ڪيو هو ڪنوار جي وارثن 80 هزار رپيا پڻ ورتا هئا پر هاڻي نه اهو شخص ملي ٿو ۽ نه ئي ڪنوار ۽ سندس والدين هٿ آيا آهن. پوليس رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.