ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) شادي خاص ڏينهن هوندو آهي ۽ ان کي يادگار بڻائڻ لاءِ ماڻهو وڏا وڏا جتن ڪندا آهن ته ڪي وري سوشل ميڊيا تي شادي وائرل ڪرڻ لاءِ ڪنوار گهوڙي تي انٽري ڏيندي آهي ته ڪٿي وري ڊانس جا جوهر ڏيکاريا ويندا آهن. پر هڪ شادي اهڙي هئي جنهن ۾ عورت پنهنجا وار ڪٽي ڇڏيا ۽ سبب به اهڙو هو جو سڀني جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. انسٽاگرام تي مشي گن ويڊنگ فوٽوگرافر تازي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ بريانا نالي هڪ ڪنوار شادي جي لباس ۾ نظر اچي رهي آهي. وڊيو ۾ شادي جي موقعي تي ڪنوار اٿي ٻئي ڪمري ۾ هلي وئي ۽ چيائين ته وارن کي اڌ ڪَتري ڇڏينديس. وڊيو ۾ هڪ عورت ڪنوار جي وارن کي اڌو اڌ ڪَتريندي نظر اچي ٿي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڪنوار ائين ڇو ڪيو؟ ان تي هن ٻڌايو ته مان پنهنجي وارن کي ڪَتري ڪينسر جي مريضن کي عطيو ڪرڻ واري آهيان. ان وڊيو سان گڏ جيڪي ڪيپشن ڏنا ويا آهن ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بريانا پنهنجي ماءُ کي به ڪينسر جي ڪري وڃائي ڇڏيو هو، ان لاءِ هوءَ ڪينسر ۾ مبتلا مريضن لاءِ جاکوڙيندي رهندي آهي ۽ هاڻي پنهنجي وارن جو تحفو ڪينسر جي مريضن کي ڏيڻ چاهي ٿي.