ڪنوار شاديءَ واري ڏينهن امتحان ڏيڻ پهچي وئي

0
658
ڪنوار شاديءَ واري

ڪراچي: ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب شيوانگي جنهن جو تعلق ڀارتي شهر راجڪوٽ سان آهي، پارلر مان تيار ٿي شادي هال ۾ وڃڻ بدران سڌو گهوٽ ۽ سندس گهرڀاتين سان گڏ امتحان ڏيڻ پهچي وئي.

شيوانگي هڪ خانگي يونيورسٽي مان بيچلرز جي ڊگري حاصل ڪري رهي آهي ۽ سوشل ورڪ جي پنجين سيمسٽر ۾ آهي. هن انٽرويو ۾ چيو ته سندس لاءِ امتحان ڏيڻ تمام ضروري هو، جڏهن شادي جي تاريخ طئي ٿي ته امتحانن جو شيڊول نه آيو پر بعد ۾ معلوم ٿيو ته سندس هڪ پيپر شادي واري ڏينهن هو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شيوانگي چيو ته امتحانن جي تاريخ معلوم ٿيڻ کانپوءِ هن اهو ذڪر پنهنجي گهروارن سان ڪيو ۽ چيو ته هوءَ شادي واري ڏينهن پيپر ڏيڻ چاهي ٿي جنهن تي گهر وارن اعتراض نه ڪيو.

ڪنوار جي وڊيو ڪيترن ئي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وائرل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ صارفين شيوانگي ۽ سندس مڙس جي فيصلي کي ساراهيو آهي.