ڪجھه وقت اڳ پاڪستاني ولاگر جنيد اڪرم جي ولاگ ۾ ڳالھائيندي ھڪ پاڪستاني اداڪار چيو ته ڪراچي ۾ اسان کي شوٽنگ لاء ڪجھ سٺو وينيو نٿو ملي، بري حالت آھي، تازو ھڪ ڊرامي ۾  سي ويو جو منظر ڏيکاريو ويو جيڪو بيحد گندو لڳو پيو ھو ان سان گڏ ھنن چيو ته  ھتي سندن فيمليون محفوظ ناھن ۽ گھرن ۾ ڌاڙا لڳن ٿا، اداڪار ان تي  وڏا ٽھڪ ڏيئي  چئي رھيا ھئا ته  ان  ڪري ئي ھاڻي ڊراما انڊسٽري جيڪا  ڪراچي ۾  ترقي ڪئي ھئي اھا ھاڻي اسلام آباد ۽ لاھور شفٽ ٿي رھي آهي، ايستائين جو’ ھم ‘ ڊراما چينل  وارن به  اسلام آباد ۾ آفيس کولي آھي، جيتوڻيڪ اردو چينلن جي ڊرامن ۾ سنڌ جي ثقافت کي ڪڏھن به  پروموٽ ناھي ڪيو ويو پر پوءِ به  ملڪ جي وڏي شھر  ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي افسوس جوڳي حالت تي ڏک ٿيو، مافيا رڳو ملير ۽ سپر ھاءِ وي جون زمينون ملڪ رياض کي ڀڳڙن مٺ وڪيون آھن  ۽ رڳو فنڊس ھڙپ ڪيا آھن، پوءِ ڇو نه  جماعت اسلامي وارا کين  بڇڙو ڪن، ھڪ انٽر نيشنل شھر جنھن کي شھرن جي ڪنوار جي نالي سان دنيا سڃاڻيندي ھئي ان جو ھي حشر ڪيو ويو آھي. (فيس بوڪ تان ورتل)