اسلام آباد: ڪنوارو شيخ رشيد عورتاڻي واچون به کڻي ويو، شيخ رشيد 75 هزارن جي هڪ مرداڻي ۽  هڪ عورتاڻي واچ جا ساڍا 10 هزار ادا ڪري کڻي ويو، ٻيهر 95 هزارن جون واچون 11 هزار 250 رپين ۾ کنيون، ٽيهر هڪ لک 85 هزارن جي واچ جا 26 هزار 250 رپيا ادا ڪيا، ان بعد هڪ لک 80 هزار جي واچ جا رڳو 1200 رپيا ڏنا، بعد ۾ 23 لک 50 هزارن جي روليڪس واچ کنئي جنهن جي ادائگي ناهي ڄاڻائي وئي، هڪ ٻي 19 لک 75 هزارن جي واچ ۽ ٻه لک 40 هزارن جو پستول کنيو جنهن جي به ادائگي ناهي ڄاڻائي وئي.