ڪنهن ڪٿي عيد جي نماز ادا ڪئي؟

0
314

ڪراچي(ن پ ا) ڪنهن ڪٿي عيدالضحيٰ جي نماز ادا ڪئي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد جي شاهه فيصل مسجد ۾ عيد نماز ادا ڪئي، وزيراعظم عمران خان به اسلام آباد ۾، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملتان، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد راولپنڊي، سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه ڀان سيد آباد، گورنر عمران اسمائيل گورنر هائوس ڪراچي، مملڪتي وزير فرخ حبيب فيصل آباد، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ سراج الحق لاهور ۾ عيد نماز ادا ڪئي: حيدرآباد ۾ 1200، سکر ۾ 300 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 300 کان وڌيڪ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، عيد جي اجتماعن دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.