اسلام آباد: عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم جي اي اين پي کي نوٽس ڏيڻ جي مسئلي تي پشاور ۾ پارٽي قيادت جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ شوڪاز نوٽيس تي مشاورت ڪئي وئي. بعد ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينئر نائب صدر امير حيدر خان هوتي ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي. امير حيدر خان هوتي چيو ته ڪنهن پارٽي يا فرد کي اهو اختيار ناهي ته هو اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس ڏئي، اسان وضاحت لاءِ تيار آهيون پر ڪوبه اجلاس نه سڏايو ويو. هن چيو ته پنجاب ۾ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي وضاحت ٿيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ ۾ اتحاد ٿيو آهي ته ان جي به وضاحت ٿيڻ گهرجي ها. امير حيدر خان هوتي چيو ته هن شوڪاز جو واضح طور تي مطلب آهي ته هو اسان جي شهرت کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ، اهو واضح آهي ته اسان کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، هن نوٽيس جي تڪڙ ڪهڙي هئي؟ مولانا جي صحتياب هجڻ جو انتظار ڪري بعد ۾ اجلاس سڏايو وڇي ها، اهو واضح آهي ته ڪجهه پارٽيون PDM کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿيون. سينئر نائب صدر چيو ته ڊگهي صلاح مشوري کان پوءِ هو ان نتيجي تي پهتا آهن ته پي ڊي ايم کي ذاتي ايجندا جي تڪميل لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، امير حيدر خان هوتي چيو ته آئون نائب صدر ۽ ميان افتخار ترجمان ۽ ٻيا اڳواڻ پي ڊي ايم جي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن