ڪنهن سان تلخ ڪلامي ناهي ٿي، حق جي ڳالهه ڪئي: پرويز خٽڪ

0
226
اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت

اسلام آباد: پي ٽي آءِ ۽ اتحادي پارٽين جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان سان سخت جملن جي ڏي وٺ جي حوالي سان بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جو ردعمل سامهون آيو آهي

بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن سان به تلخ ڪلامي ناهي ٿي مون پنهنجي حق جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو اجلاس مان اٿي ڇو ويو ته هن چيو ته اجلاس مان ناراض ٿي نه پر سگريٽ پيئڻ لاءِ ٻاهر ويو هيس

پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو ته ڪو به اختلاف ناهي، رڳو گئس جو معاملو آهي، وزيراعظم سان ڪو به اختلاف ناهي. جڏهن پڇيو ويو ته ڇا توهان کي وزيراعظم تي اعتماد آهي؟ جنهن تي پرويز خٽڪ جواب ڏنو ته کيس وزيراعظم تي 100 سيڪڙو اعتماد آهي، گيس جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي ڳالهه ٿي ته ان کي اختلاف نه چئبو

جڏهن پرويز خٽڪ کان پڇيو ويو ته ڇا ڪو فارورڊ بلاڪ هوندو ته هن چيو ته ڪنهن کي به فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ نه ڏينداسين. ان کان اڳ خبر آئي هئي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ وزيراعظم وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.