ڪنهن به پاڪستاني اداڪار کان متاثر ناهيان: ڪومل عزيز

0
436

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ڪومل عزيز چيو آهي ته ڪنهن به پاڪستاني اداڪار کان متاثر ناهيان. اداڪار ڪومل عزيز پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي سوالن جوابن وارو سيشن رکيو ۽ مداحن کي سوالن جا جواب ڏنا هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون ڪنهن به پاڪستاني اداڪار کان متاثر ناهيان، سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن اداڪارن ۾ ڪهڙي شي متاثرڪندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستاني اداڪارن جي شڪل يا پيسن کان متاثر ٿجي؟ هن چيو ته اها تنقيد منهنجي پنهنجو پاڻ تي به آهي، ڇاڪاڻ ته آئون سڀني کان سکان ٿي.