ڪنسرٽ انتظاميا جي ٺڳي تي آئمه بيگ تپي باهه ٿي وئي

0
244
ڪنسرٽ انتظاميا جي ٺڳي تي آئمه بيگ تپي باهه ٿي وئي

لاهور(شوبز نيوز)گلوڪارا آئمه بيگ پنهنجي عدم شرڪت باوجود نالو استعمال ڪرڻ جو الزام هڻندي هڪ ڪنسرٽ انتظاميا تي سخت تنقيد ڪئي آهي

آئمه بيگ دعويٰ ڪئي آهي ته مان پاڪ فيسٽ جي ڪنسرٽ ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري چڪي آهيان پر ان باوجود منهنجي نالي تي ايونٽ جون ٽڪيٽون وڪرو ڪيون ويون

واضح رهي ته پاڪستان فيسٽيول جي نالي سان اهو ايونٽ 12 مارچ کان لاهور جي امين ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ گلوڪارا چيو ته منهنجي انڪار کانپوءِ انتظاميا کي منهنجو نالو استعمال نه ڪرڻ گهرجي ها پر هنن ائين ڪري پئسو ٺاهيو

هن چيو ته انتظاميا منهنجي مداحن کي گمراهه ڪيو آهي ۽ مداح منهنجو نالو ڏسي ايونٽ جون ٽڪيٽون خريد ڪري رهيا هئا. آئمه بيگ آرگنائيزرن کان مطالبو ڪيو ته معاملي کي ڏٺو وڃي ۽ منهنجو نالو استعمال نه ڪيو وڃي