ڪنري (ن پ ا)  سال 2021ع جي مئي مھيني ۾ ٽالھي ٿاڻي تي 1480 گرام چرس جو نارڪو ٽيڪس ايڪٽ تحت 2 پوليس اھلڪارن وڏي منشي علي بخش چانڊيو، اھلڪار عيسن گشڪوري ۽ جاويد اقبال خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. ڪيس عمرڪوٽ  جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو، جنھن بعد عدالت ڪيس جون شاھديون نه ملڻ تي نامزد ٽنھي جوابدارن کي باعزت بري ڪندي مٿس داخل ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رھي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس ۾ نامزد ٻئي اھلڪار معطل ٿي ويا ھئا. جيڪي بعد ۾ بحال ڪيا ويا.