ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو   ڳوٺ محمد حيات آرائين رھواسين ڪولھي برادري جي ماڻھن ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھرين ڀلو ڪولھي، نارائڻ، پريمان، تلڇي ڪولھي ۽ ٻين الزام لڳائيندي دانھيندي ٻڌايو ته سھتا برادري جي بااثر ماڻھن نلڪي تان پاڻي ڀرڻ تان  منع ڪرڻ تان اسان جي گھر تي حملو ڪري عورتن،ا ٻارن ۽ مردن تي سخت تشدد ڪيو. جوابدارن لٺيون، لتون ۽ مڪون ھڻي، ڌمڪيون ڏنيون. پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيا ر ناهي،   ھنن الزام ھنيو ته جوابدار روزانو اسان جي گھرن اڳيان اچي گارگند ۽ غلط حرڪتون ڪن ٿا، مسڪين ۽ غريب ماڻھو آھيون، ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ڌر سان بار بار رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪوبه موقف سامھون نه اچي سگھيو.