ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾   نامعلوم چور  مير محمد شاھ جي مرچن جي دڪان جا تالا ٽوڙي اندر پيل 90 ھزار رپين جي ماليت جي مرچن جون 6 ٻوريون، ھزارين رپيا روڪ رقم، سولر پليٽ، پکو، بيٽري ۽ ٻيو سامان چورائي فرار ٿي ويا،  ساڳي مارڪيٽ ۾ عليحسن راجپوت جي هوميو پيٿڪ جي ڪلينڪ جا تالا ٽوڙي ھزارين رپين جون دوائون، پکھو، بيٽري، سولر ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويو، ٻي طرف دڪاندارن ۽ شهرين بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين دانيهندي چيو ته شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، جنهن سبب غيرمحفوظ بڻيل آهيون، نوٽيس وٺي جوابدارن گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.