ڪنري/ عمرڪوٽ (رپورٽ:انيل ڪمار مڪواڻا+اوي گوسوامي) ڪنري ۾ مرچن جي مشھور واپاري، سندس پٽ ۽ ميئنيجر خلاف فائرنگ، ارادي قتل جو ڪيس داخل، 3 گرفتار، واپارين ۽ مزدورن ھڙتال ڪري مرچ منڊي بند ڪري ڇڏي، احتجاجي مظاھرو، گرفتار ٽئي جوابدار عدالت ۾ پيش، رمانڊ تي پوليس حوالي، ان ڏس ۾ ڪنري جي مرچن جي مشھور واپاري ۽ مرچ منڊي ايسوسي ايشن جي جنرل سيڪريٽري مصور احمد ڀٽي، سندس پٽ شاھد ڀٽي ۽ ميئنيجر مراد سلطان ڀٽي خلاف ڪنري ٿاڻي تي نوجوان کي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ، قتل جي ارادي ۽ بڇ جو ڪيس داخل ڪيو ويو  آهي، ارشد راجپوت جي فرياد تي مرچن جي مشھور واپاري مصور احمد ڀٽي، سندس پٽ شاھد ڀٽي ۽ ميئنيجر مريد سلطان خلاف ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ارادي قتل، بڇ، فائرنگ جا قلم شامل ڪيا ويا. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي آئون ۽ منھنجو دوست صادق ڪپري عمرڪوٽ کان ڪنري آياسين پئي ته ڄاڻايل جوابدارن ڪار ۾ سوار ٿي رستا روڪ ڪري مارڻ جي ارادي سان مٿس فائرنگ ڪئي جنھن ۾ سندس ساٿي صادق ڪپري کي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنھن بعد جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا. فريادي ٻڌايو ته مصور ڀٽي سان اسان جو 2019 کان ڪاروباري ڏيتي ليتي سان مسئلو ھلندڙ آھي، جنھن تان مصور ڀٽي وارن مونکي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ اڳ به مونتي ڪيس داخل ڪرايو جيڪو ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي. جنھن تان ٻيھر حملو ڪرڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڪنري پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس ۾ نامزد ٽنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. گرفتار واپاري مصور احمد ڀٽي ٻڌايو ته اسان ڪورٽ مان پيشي ڏئي واپسي آياسين پئي ته پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي. اسان فائرنگ ڇو ڪنداسين، فريادي ڏانھن منھنجا لکين رپيا رھيل آھن جيڪا ڦٻائڻ لاءِ ڊرامو ڪري رھيو آھي. ٻي طرف  واپاري ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سندن گرفتاري خلاف تي ڪنري جي واپارين ۽ مزدورن ايشيا جي سڀ کان وڏي مرچ منڊي ڪنري ۾ ھڙتال ڪري منڍي کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ٻوليون ڪينسل ڪري ڇڏيو.  مزدورن جي اڳواڻن ميان سعيد آرائين، ايم سليم، مکي يڊسٽر، رسول بخش بلوچ ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، اڳواڻن  مطالبو ڪيو ته واپاري ۽ ٻين تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.