ڪنري (ن پ ا) ڪنري پوليس جو بلوچ پاڙي ۾ منشيات اڏي تي ڇاپو، منشيات فروشن جو عورتن سان گڏجي پوليس تي، لٺين، سروٽن، لوھي راڊن سان حملو، پٿراءُ، 3 اھلڪار زخمي، ورديون ڦاٽي ويون، گرفتار ڪيل منشيات فروش ڇڏائي ويا، 13 ڄڻن تي ڪيس داخل، تفصيل موجب پوليس ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ بلوچ پاڙي ۾ منشيات جي اڏي تي ڇاپو ھنيو، جنهن دوران منشيات فروشن ۽ سندن سھولتڪار عورتن پوليس تي حملو ڪري ڏنو ۽ مٿن لٺين، ڏنڊن، سروٽن ۽ لوھي راڊن جو وسڪارو لائي ڏنيو، حملي سبب 3 پوليس اھلڪار عامر فاروق، زبير احمد ۽ گھنشام داس پٿر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جڏھن ته ٻن اھلڪارن جون ورديون پڻ ڦاٽي پيون، منشيات فروشن جو عورتن سميت پوليس پارٽي تي حملي ۽ پٿراءُ سبب پوليس پوئتي هٽي وئي، جڏهن ته مڇريل ماڻهن گرفتار ڪيل منشيات فروش گبوڪ مڪراني کي ڇڏرائي ورتو، زخمي اھلڪارن کي تعلقي اسپتال ڪنري پھچايو ويو، پوليس واقعي جو ٿاڻي تي 5 عورتن سميت 13 ڄڻن خلاف قتل ارادي، ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ جھيڙي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ گبوڪ، بيتاب، محبوب، راشد، يار محمد، عالم، اظھر ۽ ساجد کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو ته منشيات جي اڏي تي ڇاپي دوران منشيات فروشن حملو ڪري پٿراءُ ڪري اھلڪارن کي زخمي ڪيو، آخري اطلاعن تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو هو.