ڪنري ۾ مرچن جو واپاري پٽ ۽ مئنيجر سوڌو گرفتار، ڌرڻو، منڊي بند

0
432
ڪنري ۾ مرچن جو واپاري

ڪنري (رپورٽر) ڪنري ۾ مرچن جي واپاري سوڌو ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ٽنھي کي گرفتار ڪيو ويو

مرچن جي واپاري، سندس پٽ ۽ مئنيجر خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو، واپارين پاران ڌرڻو ھنيو ويو، مرچ منڊي بند ٿي وئي

ارشد راجپوت جي فرياد تي مصور ڀٽي، سندس پٽ شاهد ۽ مئنيجر مريد سلطان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،  ڪيس ۾ قتل جي ارادي، بڇ، فائرنگ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا

پوليس ڪيس ۾ نامزد ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري عمرڪوٽ عدالت ۾ پيش ڪيو،  واپاري خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي مرچ منڊي بند ٿي وئي، واپارين احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويو

واپارين طرفان مصور ڀٽي ۽ ٻين خلاف داخل ڪيس فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو