ڪنري (ن پ ا) محرم الحرام دوران امن جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ڪنري  پوليس پاران  فليگ مارچ ڪيو ويو،  ڊي ايس پي غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو، ايس ايڇ او ڪنري سيد عاطف شاھ جي اڳواڻي ۾ سب ڊويزن ڪنري جي 5 پوليس موبائلن ۽ موٽرسائيڪلن تي فليگ مارچ ڪڍيو ويو. پوليس ٿاڻي کان نڪتل فليگ مارچ محرم جي مرڪزي جلوس جي روٽن جو گشت ڪرڻ سان گڏ شھر جو گشت ڪيو ويو.