ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ۾ قتل ٿيل نوجوان جي آلين اکين سان تدفين، 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار ٿيڻ جا اطلاع، ان ڏس ۾ ڪنري ڀرسان ڳوٺ ميوو خان کوسو واسي پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جي قتل ٿيل ڀاءُ 24 ورھين جي عمير حسين راجپوت جو قتل ڪيس ڪنري ٿاڻي تي عورت سميت 5 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، مقتول جي ڀاءُ راشد راجپوت جي فرياد ناري جي ماءُ شاھده پروين، سندس ڀائرن علي رضا راجپوت، ذيشان راجپوت، آصف آرائين ۽ ھڪ اڻڄاتل ڪيس ۾ نامزد ڪيا ويا آهن، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته مون ھڪ ھفتو اڳ جوابدار ڌر جي ڀيڻ عليشا راجپوت سان پسند جي شادي ڪئي هئي،  جنھن تان جوابدار مڇريل ھئا، گذريل ڏينھن جوابدارن ھم صلاح ٿي منھنجي ڀاءُ کي گھر ايندي وچ رستي ۾ گوليون ھڻي بي گناھ قتل ڪيو آھي. ٻي طرف ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس پاران ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ماءُ شاھده پروين ۽ ھڪ جوابدار آصف آرائين کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع آھن، پر سندن گرفتاري ظاھر ناهي ڪئي وئي. ھوڏانھن مقتول جي جنازي نماز مرڪزي عيد گاھ ڪنري ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد کيس آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.