ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي ڳوٺ ساڏوري سيد جو رهواسي 17 ورهين جو شاگرد سيد گلزار خليل شاھ ولد شاھ محمد شاھ پيپر ڏيڻ لاءِ اسڪول ويندي رستي مان پراسرار نموني گم ٿي  ويو، ان حوالي سان شاگرد جي وارثن ٻڌايو ته ھو گذريل ڏينھن صبح جي وقت ڳوٺ کان پيپر ڏيڻ نڪتو پر اسڪول نه پھتو ۽ رستي مان گم ٿي ويو، شاگرد گورنيمنٽ قاضي سلطان هائي اسڪول ڪنري ۾ پيپر ڏيڻ ويو هو، هنن چيو ته پوليس کي اطلاع ڏنو آهي، شاگرد جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.