ڪنري (ن پ ا) 6 ڏينھن اڳ ڀيڻ جي لڄ بچائيندي قتل ٿيل نوجوان ڀيرو ڪولھي وارو معاملو، روپوش ٿيل جوابدار ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان عبوري ضمانت ڪرائي ورتي، گرفتار 2 جوابدار ڪنري جي ڪورٽ ۾ پيش، 5 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، ھڪ جوابدار تاحال پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيو، متاثر انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل. 6 ڏينھن اڳ ڪنري ڀرسان ڳوٺ غلام رسول آرائين ۾ مبينا طور ڀيڻ جي عزت بچائيندي قتل ٿيل پورھيت نوجوان ڀيرو ڪولھي جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آھن. نوجوان جي قتل ۽ ڀيڻ سان مبينا زيادتي جي ڪيس ۾ روپوش ٿيل جوابدار محسن آرائين سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ پھچي ھڪ ھفتي جي عبوري ضمانت ڪرائي ورتي آھي. عدالت سڳوري 50 ھزار جي مچلڪن عيوض جوابدار کي ھڪ ھفتي جي عبوري ضمانت ڏيندي پڪي ضمانت لاءِ لاڳاپيل ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. ٻئي پاسي ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار حاجي مرتضيٰ آرائين ۽ غلام حيدر آرائين کي ڪنري پوليس رمانڊ لاءِ سول ڪورٽ ڪنري ۾ پيش ڪيو جتي عدالت سڳوري ٻنھي جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪندي وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ڪنري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن ڪيس ۾ نامزد چوٿون جوابدار بابر راجپوت تاحال پوليس جي پڪڙ ۾ نه اچي سگھيو آھي.