ڪنري (رپورٽ:انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري پوليس پاران چوري معاملي تي ايس ٽي پي اڳواڻ جي گھر تي ڇاپو، نوجوان گرفتار، مزاحمت تي اھلڪار ۽ عورتون ھٿين پئجي ويا، اهلڪارن جو عورتن تي تشدد، تذليل، احتجاج، ان ڏس ۾ پوليس شھر جي بلوچ پاڙي لڳ ريلوي ڦاٽڪ وٽ موبائل چوري جي معاملي تي ايس ٽي پي اڳواڻ احمد ڪپري تي گھر تي ڇاپو ھنيو. پوليس ڇاپي دوران احمد ڪپري جي پٽ نوجوان نياز ڪپري کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان جي ماءُ ۽ ڀينرن پاران مزاحمت ڪئي، نوجوان کي گرفتار ڪرڻ تان روڪڻ تان پوليس اهلڪارن  عورتن کي ڌڪا ڏئي تشد  ڪري تذليل ڪئي. جنھن بعد پوليس نوجوان نياز ڪپري کي گرفتار ڪري کڻي وئي، ٻي طرف گرفتار نوجوان جي ماءُ جنت ڪپري، ڀيڻن اميرزادي ۽ ناديا پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين دانيهندي چيو ته پوليس پاڙيوارن جي چوڻ تي اسان جي گھر  تي چڙھائي ڪري نياز ڪپري کي بنا جواز گرفتار ڪري وئي آهي،  بيگناھ گھر ۾ داخل ٿي تشدد ڪري تذليل ڪئي وئي، بنا ڪيس نوجوان گرفتار ڪيو ويو،  پوليس چادر ۽ چوڌيواري جو تقدس پئمال ڪيو  آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ڪنري پوليس موجب ته  نوجوان نياز ڪپري چور قسم جو ماڻھو آھي، شھر مان موبائل فون، موٽرسائيڪلز، بيٽريون ۽ ماڻھن جي گھرن مان چوريون ڪري ٿو، جنھن کي گرفتاري لاءِ وياسين ته عورتن جھيڙو ڪيو.