ڪنري ڀرسان چوپائي مال جو واپاري بيھوشي جي حالت ۾ ھٿ

0
213

ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان چوپائي مال جو واپاري بيھوشي حالت ۾ ھٿ، جوابدار واپاري کان ڇيلن جا پئسا چوري ڪري کيس بيھوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري ويا، ٽوڀان شاخ جي ڳوٺ سليمان سمون جو رھواسي محمد سمون اڄ صبح ڇيلا وڪرو ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ مال پڙي ويو ھو جيڪو ڪنري ڀرسان زيرو پوائنٽ وٽ پاڻي جي واٽر ۾ بيھوشي حالت ۾ ھٿ آيو، وارثن جو چوڻ آهي ته واپاري کي واٽ ويندڙ ماڻھو اسپتال کڻائي آيا، ٻڌايو پيو وڃي ته واپاري صبح جو 6 ڇيلا کڻي مال پڙي ويو، شڪ آھي ته واپاري کان وڪرو ڪيل ڇيلن جا پئسا ڦر، بيھوشي ڪري فرار ٿي ويا آھن.