ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان چيل بند ڪئمپ وٽ موڙ ڪاٽيندي لوڊر رڪشا سلپ ٿيڻ سبب ڳوٺ سينھوئي سيد واسي 22 ورھين جو ميرو بغدار زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي ھن دم ڌڻي هوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان رڪشا ڊرائيور ھو ۽ سامان سان ڀريل رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو.