ڪنري (ن پ ا) ڪنري پوليس پاران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس موجب ھڪ رات  اڳ چيل بند پوليس پوسٽ جي پوليس عمرڪوٽ ويندڙ روڊ تي درگاھ ميا درس وٽ گشت دوران ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن کي ڏٺو، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا،  پيڇو ڪرڻ  بعد 2 ڄڻن نصراللہ ماڇي ۽ قادر ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  گرفتار ٻن ڏوهارين سميت 6 ڄڻن خلاف ڏوھ جي ارادي جو ڪيس داخل ڪيو ويوآهي ،ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن ۾ گرفتار ٿيلن کان علاوه علي رضا مارواڙي، آغا چانڊيو، پپو ميگهواڙ ۽ نياز خاصخيلي شامل آھن، پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان 2 موٽرسائيڪلون پڻ ھٿ ڪيون ويون آھن، گرفتار جوابدارن کي لاڪ اپ ڪيو ويو، جنھن بعد گرفتار جوابدار قادر ڀٽي پاران لاڪ اپ ۾ مڇرن واري ڪوائل کائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، کيس تعلقي اسپتال ڪنري نيو ويو ۽ سندس خلاف آپگهات جي ڪوشش جو وڌيڪ ھڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.