ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان 6 ڏينھن اڳ قتل ٿيل نوجوان وارو مامرو، پوليس مقتول نادر ڪپري جي ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار رانجھو نوحاڻي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻيو جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو آهي، پوليس جوابدار کي رمانڊ لاءِ سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت رمانڊ واري استدعا منظور ڪندي جوابدار کي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ نامزد ٻيو جوابدار ڪمال نوحاڻي اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.