صوفي فقير/ڪنري (نمائندن وٽان) صوفي فقير ويجھو غربت سبب نوجوان زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب بودر فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيدر خان بنگلاڻي جي رھواسي 26 سالا شادي شده نوجوان مگھو ولد مانو ڪولھي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي بودر فارم پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش سول اسپتال عمرڪوٽ کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان ڪافي وقت کان مرگهي جي بيماري ۾ مبتلا ۽ بيروزگار هو، جنهن ڪري هن پنهنجي  زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو،