ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان 3 گهرن کي باهه، ٻڪري سڙي مري وئي، الهه تلهه رک، ان ڏس ۾ ڳوٺ شاھ بيگ رند ۾ لوڙھي کي لڳل  باھ ٽن پورھيتن چيتن، ڀورو ۽ ھيمراج ڪولھي جي گھرن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. باھ لڳڻ سبب  پورھيتن جي گھرن ۾ پيل سامان سڙي ويو، جڏهن ته ھڪ ٻڪر سڙي مري وئي. اطلاع تي فائربرگيڊ گاڏي پھچي باھ تي ضابطو آندو.