ڪنري (ن پ ا) 6 ڏينھن اڳ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي  دوران نوجوان عباس خاصخيلي جي مارجڻ وارو مامرو: نبي سر روڊ ٿاڻي تي جوابدار ڌر جي فرياد تي مقتول ڌر جي چئن ڄڻن خلاف قتل جي ارادي، حملي ۽ جھيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، حاجي محمد خاصخيلي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ مقتول ڌر جي عثمان خاصخيلي، گل محمد خاصخيلي، حبيب الله ۽ ھڪ اڻڄاتل ماڻھو کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آھي ته جوابدارن سان برادري تڪرار ھلندڙ آھي، 6 ڏينھن اڳ سندس گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا،