ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ قتل ٿيل نوجوان جو ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل، پوليس جا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، هٿ نه آيا، پوليس جوابدارن جو چوپايو مال ڪاھي آئي، خبر موجب ڳوٺ ڀڏو ڪپري ۾ نوجوان نادر ڪپري جي قتل جو سندس مامي محمد سرور ڪپري جي فرياد تي نوحاڻي برادري جي ٻن ڄڻن ڪمال نوحاڻي ۽ رانجھو نوحاڻي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته نامزد جوابدارن جي مقتول نوجوان سان منھن ماري ٿي ھئي ۽ پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن تان گذريل ڏينھن جوابدارن گھر ۾ داخل ڪري فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو، پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، پوليس ڇاپي دوران چوپايو مال ڪاھي آئي.