ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان چار ڏينھن اڳ مبينا اغوا ٿيل عورت جو پتو نه پيو، وارثن جو احتجاجي مظاھرو، عورت کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ڪنري شھر جي سھراب ڪالوني مان چار ڏينھن اڳ مبينا اغوا ٿيل عورت سونا زال قربان خاصخيلي جو پتو نه پئجي سگھيو. جنھن سبب سندس وارث سخت پريشان آھن. سندس وارثن ڏاڏي علي بخش خاصخيلي، والده سگھڙ، بختيار ۽ ٻين عورتن ۽ معصوم ٻارن پريس ڪلب ڪنري آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. مظاھرين الزام ھنيو ته سونا جي ڊينگرالو ۾ شادي ٿيل آھي جيڪا عيد ڏھاڙي اسان وٽ آيل هئي جتي جوابدار پرويز ڪپري، نبي بخش خاصخيلي ۽ ٻيا ھٿيارن جي زور تي ھن کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن. ھنن چيو ته ڪنري ٿاڻي تي عورت جي اغوا جي درخواست پڻ ڏنل آھي پر پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري. جڏھن ته مغوي ناري جو معصوم پٽ روئي روئي بي حال ٿي ويو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته عورت کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.